تفسير احسن القصص

تفسير احسن القصص: قرآن پاڪ جي سورة ”يوسف“ جو هيءُ تفسير ڪلهوڙا دور جي نامياري عالم ۽ مفسر مخدوم عبدالله نرئي واري جو تصنيف ڪيل آهي. هن تفسير جي باري ۾ سنڌ جي علمي ۽ ادبي تذڪرن ۾ مختلف عالمن جون لکتون ۽ روايتون پڻ مليون آهن ته ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم عبدالله نرئي واري سورة يوسف جو سنڌي ڪلاسيڪي نظم معريٰ ۾ تفسير لکيو هو. ان سلسلي ۾ برٽن سڀ کان پهريائين هن ڪتاب جي نشاندهي ڪئي ۽ تفسير جو نالو ”قصص الانبيا“ ڄاڻايو. ان کان پوءِ سنڌ جي اڪثر عالمن برٽن جي تقليد ڪندي، پنهنجن تذڪرن ۾ هن تفسير کي ”قصص الانبيا“ ڪري ڄاڻايو. هن تفسير جو قلمي مخطوطو ڪنڊياري تعلقي جي مشهور درگاهه شيخ احمد جي سجاده نشين محترم محمد حسن قريشي جي ڪتبخاني مان دستياب ٿيو. هي مخطوطو هن وقت ڊاڪٽر قريشيءَ حامد علي خانائيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. هن تفسير جي مطالعي مان واضع ٿئي ٿو ته هن تفسير جو اصل نالو ”تفسير احسن القصص“ آهي. مخدوم عبدالله تفسير بيان ڪندي، ٽن جاين تي پنهنجو نالو ڄاڻايو آهي ۽ آخر ۾ قديم مفسرن وانگر تفسير جي تيار ٿيڻ جي تاريخ 6 رمضان المبارڪ 1196هه بمطابق 1782ع پڻ لکي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو